اسلام آباد – 14 سيپ??مب?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو، رشڪئي اقتصادي زون نه رڳو خيبرپختونخواهه پر پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪ??دو?? ايندڙ مرحلو ملڪ ۾ صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ جو آهي، افغان امن ڳالهين جي ڪاميابي ۾ پاڪستان جو ا??م ڪردار آهي، افغانستان ۾ امن سان وچ ايشڊيائي رياستن تائين رابطا وڌندا جنهن سان پوري خطي ۾ خوشحالي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي خصوصي اقتصادي زون جي ترقي جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم معاهدي جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي حوالي سان اهو قدم خوش ??ئنده آهي، سي پيڪ تحت فيصل آباد کانپوءِ رشڪئي ٻيو خصوصي اقتصادي زون هو??دو?? سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو. هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي معاهدو خيبرپختونخواهه جي ترقي جي حوالي سان هڪ وڏو سنگ ميل ثابت ٿي??دو?? رشڪئي اقتصادي زون نه رڳو خيبرپختونخواهه پر پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪ??دو?? ان سان صنعت کي هٿي ملندي ۽ مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، اسان چاهيون ٿا ته خيبرپختونخواهه ۾ رهي ماڻهن کي نوڪريون ملن. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي قبائلي علائقن جي عوام دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، هن منصوبي جي م??مل ٿيڻ سان انهن جي لاءِ به ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا.
رشڪئي اقتصادي زون نه پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados