اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) اٿارٽ?? جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته مال بردار سامونڊي جهاز 17 هزار ٽن ڊي اي پي ڀاڻ کڻي گوادر پهچي ويو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هن لکيو ته گوادر پورٽ تي اقتصادي سرگرميون زور شور سان جاري آهن. مال بردار سامونڊي جهاز 17 هزار ٽن ڊي اي پي ڀاڻ کڻي گوادر پهچي ويو آهي. سي پيڪ اٿارٽ?? جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڊي اي پي ڀاڻ 550 ٽرڪن ذريعي چمن رستي افغانستان موڪليو ويندو. هن چيو ته پهريون ڀيرو ڪارگو جي پيڪنگ مقامي سطح تي ڪئي وئي آهي. سي پيڪ اٿارٽ?? جي چيئرمين چيو ته سي پيڪ تحت من??وب?? روزگار ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ڏئي رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری