اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ب??او?? آءِ ايم ??يف بابت پريشان نه ٿئي، سنڌ حڪومت جي مالي بي ضابطگين ۽ صوبائي خزاني تي ڌاڙي جو جواب ڏي، لانچن ۽ گهرن مان جيڪو پئسو مليو اهو قوم جو پئسو آهي، ان کي واپس ڪرڻو پوندو، ڀٽو جو وارث بڻجڻ لاءِ توهان کي ڪرپشن سان ڳانڍاپو ٽوڙڻو پوندو. ب??او?? ڀٽو جي ميڊيا ٽاڪ تي ردعمل جو اظهار ڪندي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ب??او?? اندرون سنڌ ۾ ايڊز ??ان متاثر ماڻهن ۽ خاندانن کي تسلي ڏيڻ ڇو نه ويو؟ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وفاق پاران ڏنل اربين رپيا هضم ڪري ڏاڪار تائين به نه ڏيندڙ وفاق کان ڪهڙي ڳالهه جي گلا ڪري رهيا آهن؟
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون