گڏ??ل قومون -12 مارچ (اي پي پي) گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته رم??ان المبارڪ دوران غزه ۾ جنگ بندي کي فوري طور لاڳو ڪيو ??ڃي. هن رم??ان المبارڪ جي شروعات تي چيو ته جڏهن رم??ان المبارڪ شروع ٿي چڪو آهي، ان باوجود غزه ۾ قتل و غارت، بمباري ۽ رتوڇاڻ جاري آهي. هن اپيل ڪئي ته غزه ۾ جنگ بندي ڪري رم??ان المبارڪ جو احترام ڪيو ??ڃي ۽ حياتيون بچائيندڙ امداد جي تيز رفتاري ۽ وڏي پيماني تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀئي رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ۽ سڀني يرغمالين کي فوري طور تي آزاد ڪيو ??ڃي. گڏ??ل قومن جي سربراهه چيو ته غزه ۾ جاري تباه ڪن اسرائيلي جنگ ڇهين مهيني ۾ داخل ٿي چڪي آهي. گڏ??ل قومن جي سربراهه خبردار ڪيو ته رفح تي اسرائيلي حمل?? غزه جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جي ڏکيائين ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته هي دنيا ۽ تاريخ ڏسي رهي آهي. اسان ان تي پنهنجون اکيون بند نه ٿا ڪري سگهون. اسان کي غزه ۾ فوتگين ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. فلسطيني شهرين لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي.
رمضان المبارڪ دوران غزه ۾ جنگ بندي ڪئي وڃي: گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اپيل
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا