اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ?? ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي گڏيل دلچسپي جي سمورن م??املن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ٻنهي ا??واڻن ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم شهباز شريف ايران سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، توانائي تعاون، سلامتي ۽ علائقائي استحڪا?? ۾ ??طرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي حو??لي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تازو ئي پولان گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين جي فعال ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ايراني حڪومت جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل افهام تفهيم ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا سميت عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ايراني قيادت جي ڪوششن کي ساراهيندي صدر ابراهيم رئيسي کي ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بح??لي جي تاريخي ا??ڀرائي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته فلسطين جي والاريل علائقن ۾ اسرائيل پاران انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. هن گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانونن موجب ٻه رياستي حل جي بنياد تي اسرائيل فلسطين تڪرار جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي زور ڏنو.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي پاران گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار