اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ريفرنس کي اڳوڻي وزيراعظم جي انتقامي ڪارروائي، عدليه جي آزادي تي راتاهو ۽ ان کي ورڇ ڪرڻ جي ڪڌي سازش قرار ڏيندي ڪيوريٽ??و ريو??و ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته ڪيوريٽ??و ريو??و ريفرنس ڪمزور ۽ ب?? بنياد سببن تي داخل ٿيو هو، ان لاءِ حڪومت ان جي پيروي ??ه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آه??. وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪابينا اڳ ۾ ئي ان فيصلي جي منظوري ڏئي چڪي آه??. بيان موجب وزيراعظم قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ کي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ڪيوريٽ??و ريو??و ريفرنس واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آه??. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ريفرنس جي نالي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ان جي گهرڀاتين کي هراسان ۽ بدنام ڪيو ويو. اهو ريفرنس نه هو، آئين ۽ قانون جي راهه تي هلندڙ هڪ منصف مزاج جج جي خلاف هڪ منتقم مزاج شخص عمران نيازي جي انتقامي ڪارروائي ۽ عدليه جي آزادي تي راتاهو ۽ ان کي ورڇ ڪرڻ جي ڪڌي سازش هئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين اپوزيشن جي دور ۾ به ان ڪوڙي ريفرنس جي م??مت ڪئي هئي. عمران نيازي صدر جي آئيني منصب جو ان ڏوهاري فعل جي لاءِ ناجائز استعمال ڪيو. وزيراعظم چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي عدليه تي حملي جي ڏوهه ۾ هٿيار ۽ هڪ ڪوڙ جو حصيدار بڻيو. پاڪستان بار ڪائونسل سميت وڪيل تنظيمن پڻ ان جي مخالفت ڪئي هئي، انهن جي راءِ جي قدر ڪريون ٿا.
وزيراعظم ڪيوريٽيو ريويو ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا