ڪراچي – 08 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هر شعبي ۾ عورتن جي برابر ۽ ڀرپور حصيداري کانسواءِ پاڪستان کي کي ??من، خوشحالي ۽ ترقي پسند سوچ جو گهوارو بڻائڻ جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب پيپلزپارٽي چيئرمين عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ چ??و ته تعليم ۽ تربيت ۽ پيشيواراڻي سيڪٽرز سان گڏوگڏ سياست ۽ اعليٰ پاليسي ساز ادارن تائين هر شعبي ۾ عروتن جي شموليت ضروري آهي. هن وڌيڪ چ??و ته تعليم يافته ۽ خوداعتماد عورتون پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چ??و ته سندس پارٽي عورتن جي ق??ر ۽ اهميت جي حوالي سان منفرد تاريخ رکي ٿي ته هن پاڪستاني عورتن کي مسلم دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم سان گڏوگڏ پهريون عورت اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ پرڏيهي وزير جهڙا اع??از حاصل ڪرڻ جو بنياد فراهم ڪيو آهي. هن چ??و ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي مختصر حڪومت جي دورن جي دوران عورتن کي ??ااختيار بڻائڻ ۽ صنفي برابري جي لاءِ ٺوس قدم کنيا، فرسٽ وومين بئنڪ، وومين پوليس اسٽيشنز ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام جي شروعات شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڻ ڪئي هئي. پيپلزپارٽي چيئرمين چ??و ته پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي سهيد چيئرپرسن جي مشن کي ??ڳتي وڌائيندي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، يونين ڪائونسل جي سطح تي ڪاروبار جي لاءِ عورتن کي ??نا وياج قرضن جي فراهمي، بي زمين عورت آبادگارن کي ??رعي زمين جا مالڪاڻا حق ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ عورتن کي ??هائشي پلاٽن جا مالڪاڻا سرٽيفڪيٽ جهڙا ڪامياب پروگرامز متعارف ڪرايا آهن. هن چ??و ته عورتن بابت ڪميشن جو قيام، اينٽي وومين پريڪٽس ايڪٽ، اينٽي ايسڊ ڪرائيمز جو قانون، پروٽيڪشن آف وومين ايٽ ورڪ پليس، چائلڊ ميريجز ريسٽرينٽ ايڪٽ، سنڌ ميٽرنٽي بينيفيٽس ايڪٽ، سنڌ ايگريڪلچر وومين ورڪر?? ايڪٽ، سنڌ هوم بيسڊ ورڪر?? ايڪٽ، سنڌ پروموشن آف بريسٽ فيڊنگ اينڊ نيوٽريشن ايڪٽ، سنڌ چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ ۽ گهٽ عمر ڇوڪرين جي شادي جي روڪٿام جي حوالي سان قانونسازي پڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومتن جو شيوو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي اها واحد پارٽي آهي جيڪا حڪومت ۾ هجي يا اپوزيشن ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان ڪڏهن ذريعي برابر به مصلحت جو شڪار نه ٿي. هن چ??و ته اهو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو ته پاڪستاني عورتن کي ??ندگي جي هر شعبي ۾ برابري حاصل هجي ۽ اسان ان خواب کي پورو ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.
هر شعبي ۾ عورتن جي برابر ۽ ڀرپور حصيداري کانسواءِ پاڪستان کي کي امن، خوشحالي ۽ ترقي پسند سوچ جو گهوارو بڻائڻ جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی