اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ دماغي ۽ نفسياتي مرضن جي روڪٿام ۽ علاج جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏي??دي چيو آهي ته ذهني صحت پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ٿيندڙ شعبن مان هڪ آهي، آگاهي نه هجڻ جي ڪري نفسياتي مريضن جي اڪثريت مناسب علاج کان محروم رهي ٿي، ان ڏس ۾ معياري نظام جي تياري جي ذريعي ماڻهن کي صحت جي مناسب سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ دماغي صحت ??اب?? هڪ ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. برٽش ايشين ٽرسٽ جي چيف ايگزيڪيوٽو رچرڊ هاڪس ۽ برٽش پاڪستاني سائيڪاٽرسٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر شاهد لطيف وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪيئر ٽيڪ چيريٽيبل فائونديشن، گلوبل انسٽيٽيوٽ آف هيومن ڊيولپمينٽ جي نمائندن ۽ برٽش پاڪستاني سائيڪاٽرڪ ايسوسيئيشن جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين پڻ ورچوئل طور تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته آگسٽ 2022ع ۾ نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس جي ڪرايل سروي موجب پاڪستان جي 24 سيڪڙو آبادي ذهني دٻاءُ ۽ اضطراب جو شڪار آهي، ڪاليج جا 60 کان 80 سيڪڙو شاگرد ذهني دٻاءُ جو شڪار ڏٺا ويا جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي جنهن جي حل لاءِ شاگردن جي رهنمائي جي ضرورت آهي، حڪومت ماڻهن کي ذهني صحت ۽ تندرستي ??اب?? مسئلن ??اب?? مشورو ڏيڻ ۽ تعليم ڏيڻ جي لاءِ هڪ هيلپ لائين تيار ڪري رهي آهي. هن پاڪستان ۾ دماغي صحت جي نگهداشت تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر ڪم ڪندڙ ذهني صحت جي پيشي سان واڳيل ماڻهن سان گڏوگڏ غيرسرڪاري تنظيمن (اين جي اوز) جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ورڪنگ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ ذهني صحت جي پيشيور ماڻهن ۽ ضروري وسيلن کانسواءِ ذهني مرضن ??اب?? آگاهي جي کوٽ جي ڪري نفسياتي مريضن جي اڪثريت يا ته علاج کان محروم رهي ٿي يا روايتي عقيدي ۽ مذهبي معالج سان رجوع ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2000 ذهني صحت جا پروفيشنلز موجود آهن جيڪي 24 سيڪڙو آبادي کي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ذهني مسئلن ۾ ورتل ماڻهن کي مناسب علاج ۽ مشاورت فراهم ڪرڻ کان قاصر آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معياري نظام تيار ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري عوام کي جديد ۽ معياري صحت جي سارسنڀال جي دستيابي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته موجوده هيلپ لائينز/ چيٽ بوٽس کي هڪ واحد قومي ذهني صحت جي هيلپ لائين/ چيٽ بوٽس ۾ ضم ڪيو ويندو جيڪو هڪ سال جي پائليٽ پراجيڪٽ جي شڪل ۾ شروع ڪيو ويندو. هن ذهني صحت جي حوالي سان آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن ماڻهن جي رهنمائي ۽ انهن کي علاج جي اهميت کان آگاهه ڪري سگهجي. برطانيا مان گڏجاڻي کي خطاب ڪ??دي خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو ته بريسٽ ڪينسر جي ڪري موت جي شرح ۾ اضافي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولتن جي کوٽ پاڪستان ۾ سماجي ۽ صحت جي اهم مسئلن مان آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علامتن ??اب?? آگاهي نه هجڻ ۽ دير سان تشخيص جي ڪري پاڪستان ۾ ان مرض سان موت جي شرح دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن بريسٽ ڪينسر ??اب?? آگاهي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ سهولتن جي لاءِ ان پاران ڪئي ويندڙ ڪوششن تي پڻ روشني وڌي. صدر برطانيا ۾ پاڪستاني ڄائي تربيت يافته ڪونسلرز تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ مريضن جي آن لائين ڪونسلنگ جي لاءِ رضاڪاراڻي طور تي ڪم ڪن ۽ ان مقصد جي لاءِ برٽش پاڪستاني سائيڪاٽرسٽ ايسوسيئيشن جي تعاون تي زور ڏنو. هن ملڪ جي بهتري ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪستاني ڄائي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ طبي ماهرن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. شرڪت ڪندڙن صدر پاران کنيل اهم قدم ۽ پاڪستان ۾ ذهني صحت ۽ تندرستي ??اب?? شعور اجاگر ڪرڻ ۾ ان جي گهري دلچسپي کي ساراهيو.
ذهني صحت پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ٿيندڙ شعبن مان هڪ آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کڑک