اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي جاچ جو حڪم ۽ وفاق?? وزير کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته وزيراعظم جاچ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪ??يٽي به جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم توانائي واري وفاق?? وزير خرم دستگير خان کان فوري رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي ايڏي وڏو بحران پيدا ٿ??ڻ جي سببن کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ ان جي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪ ۾ بجلي جي فوري بحالي جو حڪم ڏيندي چيو ته عوام کي مشڪلاتون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز