اسلام آباد – 23 – سيپٽ??بر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سعودي عرب جي قيادت کي سعودي عرب جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ جي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام پارليامينٽ ۽ حڪومت سعودي عرب جي عوام جي خوشين ۾ شريڪ آهي، قومي ڏينهن ڪنهن به ملڪ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ هوندو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ٻطرفا لاڳاپا تاريخي ۽ مثالي آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي عوام جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪنديون آهن، سينيٽ جي چيئرمين چيو ته گڏيل مذهبي، ثقافتي ۽ معاشرت?? هڪجهڙائي پاڪستان ۽ سعودي عرب ک?? هڪٻئي جي ويجهو رکيو آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب ترقي ۽ خوشحالي جو گڏيل ويزن رکن ٿا ۽ ٻطرفي تعاون کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جا خواهشمند آهن. سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ دعاڳو آهيان. اعليٰ سطح تي وفد جي مٽاسٽا سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون ج?? هڪ نئين دور جو آغاز ٿيو آهي، سينيٽ جي چيئرمين سعودي عرب جي بادشاهه ۽ ولي عهد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي عوام سعودي عرب جي ڀائرن جي خوشين ۾ شريڪ آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته مذهبي ۽ ثقافت?? هڪجهڙائي کانسواءِ امن ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل بصيرت، ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏئي ٿي.
سينيٽ چيئرمين پاران سعودي عرب جي قيادت کي سعودي عرب جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب