اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??زير شاه?? محمود قريشي چيو آهي ته دنيا کي ڀارت جي ٻٽي رويي جو نوٽيس وٺڻو پوندو، ڀارت نيوزيلينڊ واقعي جي مذمت ته ڪئي پر مسلمان شهيدن ۽ مسجدن جو ذڪر به نه ڪيو، سمجهوتا ايڪسپريس تي دهشتگرد حملي بابت ڀار??ي عدالت جو فيصلو ڀارت جي ٻٽي معياري جي عڪاسي ڪر?? ٿو، چين پاڪستان جو لازوال دوست ۽ جبل وانگر اسان سان گڏ بيٺل آهي، هلندڙ سال چين مان هڪ ارب ڊالر اضافي ايڪسپورٽ متوقع آهي، آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن. پرڏيهي ??زارت ۾ اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ سيڙپڪري بورڊ جي چيئرمين هارون شريف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي ??زير چيو ته سمجهوتا ايڪسپريس ۾ شهيد ٿيندڙ بيگناهن جي ذميوار چئن ڏوهارين کي آزاد ڪر?? ڇڏڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا