والاريل بيت المقدس- 06 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جو چوڻ آهي ته اسرائيل کي غزه ۾ ٻارڻ ۽ ٻي امداد جي پهچ جي اجازت ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻ?? جي ضرورت آهي. برطانوي خابرو اداري موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجم??ن پر??س بريفنگ ۾ چيو ته پهچندڙ امداد ڪافي ناهي، ان کي وڌائ?? جي ضرورت آهي، اسان اسرائيلي حڪومت تي هي واضح ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن ٻڌايو هو ته سومر تي 100 انساني امداد جا ٽرڪ ۽ تقريبن 69 هزار ليٽر ٻارن مصر کان غزه پهچايو ويو، گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجاڪ اڱاري تي صحافين کي ٻڌايو ته هي (امداد) 170 ٽرڪن ۽ 110000 ليٽر ٻار?? جي روزاني کان گهٽ آهي جيڪا 24 کان 30 نومبر وچ ۾ جنگ ۾ وقفي دوران فلسطين ۾ داخل ٿي، آمريڪي پرڏيه?? وزير انٽوني بلنڪن گذريل هفتي 7 آڪٽوبر تي غزه کان اسرائيل تي حماس جي حملي کانپوءِ وچ اوڀر جي پنهنجي ٽئين دوري تي اسرائيلي حڪومت تي دٻاءُ وڌو ته هو امداد جي پهچ ۾ اضافو ڪري ۽ حماس جي خلاف ڪارروائي ۾ شهرين کي گهٽ کان گهٽ نقص??ن پهچائي.
اسرائيل کي غزه ۾ امداد جي پهچ جي اجازت ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania