اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا پوري دنيا جي لاءِ آزمائش آهي، وبا ۽ لاڪ ڊائون جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪئي وئي آهي، ڪورونا ??ليف فنڊ ۽ رضاڪار ٽائيگر فورس متاثرين جي ام??اد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، اسان کي پنهنجي غريب ۽ ڪمزور طبقن جو خصوصي خيال رکڻو آهي، سمورن صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان مڪمل رابطا قائم آهن، اها جنگ پوري قوم گڏجي کٽيندي، ڪورونا ??ليف فنڊ جي حوالي سان 92 نيوز چيئنل جي لائيو ٽيلي ٿون ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪورونا ??ي ڪري ڪيل لاڪ ڊائون سبب پوري دنيا تي اثر پيا آهن، م??يش?? کي نقصان پهتو، اسان مستقبل ۾ ان جي اثرن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته موجوده بحران ۾ آمريڪا 2200 ارب ڊالر ۽ جاپان هڪ هزار ارب ڊالر جو رليف پيڪيج ڏنو آهي جڏهن ت?? اسان پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته 8 ارب ڊالر جو پيڪيج ڏئي سگهون، وزيراعظم چيو ت?? اسان وٽ وڌيڪ وسيلا نه آهن ۽ جيڪي دستياب آهن انهن کي استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ خيرات ڏيندڙ سڀ کان وڌيڪ آهن، اهو اسان جي ايمان جو حصو آهي ت?? اسان الله جي خوشنودي لاءِ زڪوات ۽ خيرات ڪندا آهيون، اها اسان جي طاقت آهي، انهي طرح اسان جا نوجوان به وڏي طاقت آهن، مستقبل ۾ ڪهڙيون حالتون هونديون، ان جو ڪنهن کي پتو نه آهي تنهن هوندي ب?? اسان کي پنهنجي تياري ڪرڻي پوندي، اسان ان مقصد جي لاءِ پنهنجي انهن ٻنهي طاقتن کي استعمال ۾ آڻينداسين.
ڪورونا وائرس جي وبا پوري دنيا جي لاءِ آزمائش آهي، ڪورونا رليف فنڊ ۽ رضاڪار ٽائيگر فورس متاثرين جي امداد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج