اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات باب?? خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان فرانس جي سفير مارڪ بارٽي ملاقات ڪئي جنهن ۾ اي ايف پ?? طرفان اي پي پي لاءِ فني تعاون، تربيتي سهولتن ۽ ميڊيا جي وفدن جي ٻه طرفي مٽاسٽا تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ت?? پاڪستان ۾ صحافين جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ سکيا لاءِ فرانس کان تعاون جا خواهشمند آهيون، هن ٻنهي ملڪن جي اسٽيٽ نيوز ايجنسيز ۽ نيشنل براڊ ڪاسٽرز جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس