بيجنگ – 04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي هر قسم جي حالتن ۾ جاري اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي استحڪام سان پاڪستان ۽ چين جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۽ ترقي جي نئين دور ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ گڏيل منصوباسازي ۾ مدد ملندي. چين جي وزيراعظم لي ڪيانگ جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان 2 کان 5 نومبر 2018ع تائين چين جو دورو ڪري رهيو آهي، دوري دوران وزيراعظم عمران خان چين جي ??در شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ، نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين لي زن شو ۽ چين جي نائب ??در وانگ ڪي شان سان ملاقاتون ڪيون آهن. ملاقاتن ۾ روايتي گرمجوشي، گڏيل اعتماد جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن معاملن، علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي اسڪول جي هڪ تقريب کي خطاب پڻ ڪيو، بيجنگ سان گڏوگڏ وزيراعظم عمران خان شنگهائي جو دورو پڻ ڪيو جتي هو اڄ سومر ڏينهن پهرين چائنا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو ۾ شرڪت ڪندو. پاڪ چ??ن تاريخي لاڳاپن جي ترقي تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن ۾ وڌيڪ سگهه ۽ استحڪام جو جائزو پڻ ورتو ويو. دوري دوران ڌرين پاڪ چ??ن دوستي کي هر وقت ۾ قائم رهڻ، مقامي، علائقائي ۽ عالمي تبديلين جي باوجود سدائين مستحڪم رکڻ جي عزم کي پڻ ورجايو. پاڪستان ۽ چين جي قيادت مستقبل ۾ به هر قسم جي حالتن ۾ پاڪ چ??ن گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري، پاڪ چ??ن عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۽ مستقبل ۾ گڏيل تعاون تحت دوستي کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي پڻ ورجايو. پاڪستان ۽ چين سال 2005ع ۾ دوستي، تعاون ۽ سـٺي پاڙيسرين جي لاڳاپن جي حوالي سان هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم جي بيجنگ جي دوري جي موقعي تي جاري گڏيل پڌرنامي موجب سياسي لاڳاپن ۽ اسٽريٽ??ڪ ڪميونيڪشن جي حوالي سان چين ۽ پاڪستان سٺن پاڙيسرين، ويج??ن دوستن، گڏيل ڀائيچاري ۽ اعتماد تي ٻڌل حصيداري جي عزم کي ورجايو.
وزيراعظم عمران خان جي بيجنگ دوري جي موقعي جاري گڏيل پڌرنامو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب