اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين ۽ ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ دفاعي لاڳاپن ۾ وڌيڪ گهرائي پيدا ڪرڻ، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل، افغانستان ۾ پائيدار امن جي ل??ءِ گڏيل ڪوششن ۽ دهشتگردي جي خاتمي ل??ءِ گڏيل تعاون تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان نيوڪليئر سپلائر گروپ جي معاملي ۾ ڀرپور حمايت تي ترڪيءَ جا ٿورا مڃيا. ٻنهي عالمي اڳواڻن جي وچ ۾ اهو اتفاق ر??ءِ ايوان صدر ۾ ملاقات ۾ ٿيو. ٻنهي اڳواڻڻ پهرين نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي، بعد ۾ ٻنهي م??ڪن جا وفد پڻ شامل ٿي ويا. ان موقعي تي ترڪ پرڏيهي وزير ميولٽ ڪاوس او??و، صدارتي ترجمان ابراهيم ڪالان، ترڪ سفير صديق باربر گرگن، پاڪستان جو پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري ۽ ٻيا اعليٰ ??مل??ار موجود هئا. جڏهن ته ترڪ صدر کي آجياڻو به ڏنو ويو.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت