اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ??يو آهي ته ميڊيا هائوسز ۽ ميڊيا ڪارڪنن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ سيڪيورٽي قدمن جي ضرورت آهي. ميڊيا هائوسز جي سيڪيورٽي معاملن جي حل لاءِ قائم ڪيل وزارتي ڪميٽي جي ڇهين اجلاس کي خطاب ڪندي هن ??يو ته حڪومت صحافي برادري جي تحفظ جو پڪوپهه ڪيو آهي ۽ جرنلسٽ ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن بل 2016ع جي تيا??ي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ميڊيا جي ڪارڪنن جا جائز مطال??ا پورا ٿي سگهن. ان م??قع?? تي تعليم وارو مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان ۽ وزيراعظم جو قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي وارو صلاحڪار عرفان صديقي پڻ موجود هئا. وفاقي وزير ??يو ته بل ۾ انڊونمينٽ فنڊ بابت شقون، جاني نقصان ي?? زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ معاوضو ۽ انشورنس اسڪيم شامل آهي جنهن جو مقصد ميڊيا جي صنعت ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي پائيدار ترقي ۽ تحفظ آهي.
ميڊيا هائوسز جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي قدمن جي ضرورت آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria