عمان-24 آڪٽوبر (اي پي پي)اردن غزه ۾ اسرائيلي وسندين جي تعمير لاءِ اسرائيلي وزيرن جي بيانن ۽ ڪنيسٽ (پارليامينٽ) جي ميمبرن پاران ڪيل اپيلن جي شديد مذمت ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اردن جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان سفير سفيان القضا انهن مطالبن کي عالمي قانون ۽ انساني قانون جي خلاف ورزي قرار ??يندي چيو آيه ت?? اهي مطالبا اهڙي خلاف ورزي آهن جي??ي خارجي ذهنيت جي عڪلاسي ڪن ٿا جنهن تي عالمي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن زور ڀريو ته غزه ۾ اسرائيلي آبادڪاري جا مطالبا غزه خلاف جارحيت جاري رکڻ ۽ طاقت ذريعي نيون حقيقتون مڙهڻ جي ڪوشش ۾ غزه جي رهواسين ??ي خوراڪ ۽ دوائن جي داخلا روڪڻ جي اسرائيلي انتهاپسنداڻي پاليسي جي توسيع آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو پن??نج?? قانوني ۽ اخلاقي ذميواريون پوريون ڪري، خاص ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيل تي غزه خلاف پن??نج?? جارحيت روڪڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. واضح رهي ته اسرائيلي وزير ۽ ڪينسٽ ميمبر هاڻوڪن ڏينهن ۾ غزه ت?? قبضي ۽ اتي اسرائيلي وستين جي تعمير جا مطالبا ڪيا.
اردن جي غزه ۾ وسندين جي تعمير بابت اسرائيلي وزيرن جي بيانن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب