اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا سميت عالمي تڪرارن جي حل جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته گذريل مهيني دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي قيام ۽ تڪرارن جي خاتمي جي حوالي سان طئي ٿيل گڏيل قومن جا معاهدا پيڪٽ فار دي فيوچر تحت ڪيل فيصلا ڪافي ناهن ۽ وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ جاري تڪرارن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم اڱاري ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ بحث دوران چيو ته جاري اهم تڪرار جنهن تي غزه ۾ اسرائيل طرفان جاري فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ وچ اوڀر، آفريقا يا ڏکڻ ايشيا ۾ تڪرار ڪنهن به معاهدي ذريعي اثرائتي طريقي سان حل نه ٿي سگهيا. ان موقعي تي نمائندي معاهدي ۽ ان جي 2 ضميمن، گلوبل ڊيجيٽل ڪمپيڪٽ ۽ م??تق??ل جي نسلن جي پڌرائي تي پنهنجي خيالن، اميدن، مايوسين ۽ تحفظن جو اظهار ڪيو، جنهن جي منظوري 22 سيپٽمبر تي پيڪٽ فار دي فيوچر اجلاس ۾ ڏني وئي هئي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ان معاهدي ۾ ه??يا??ن جي فراهمي تي ڪنٽرول يا عالمي سطح تي ه??يا??ن جي حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ کي روڪڻ جي قدمن جا تفصيل به شامل ناهن. هن زور ڀريو ته گڏيل قومن جي لاڳاپيل ادارن سلامتي ڪائونسل، ه??يا??ن کي گهٽ ڪرڻ بابت ڪانفرنس، ۾ ه??يا??ن کي گهٽ ڪرڻ واري ڪميشن ۽ خاص طور تي جنرل اسيمبلي کي مسئلن کي حل ڪرڻ قدم کڻڻ گهرجن. منير اڪرم آفريقا ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن خلاف تاريخي نا انصافين جي ازالي جو مطالبو ڪندي چيو ته امن کي هٿي ڏيڻ يا تڪرار کي حل ڪرڻ ۾ ناڪامي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڍانچي تي الزام نه لڳائڻ گهرجن. هن چيو ته اها ناڪامي ڪجهه وڏين ۽ ڪجهه ننڍين طاقتن جي اسٽريٽجڪ عزمن ?? پاليسين سبب آهي. پنهنجي تقرير جي شروعات ۾ پاڪستاني نمائندي 16 رڪني هم خيال گروپ طرفان معاهدي سبب پيدا ٿيل مسئلن تي ڳالهه ڪئي، جنهن جو مقصد گڏيل قومن کي مضبوط بڻائڻ آهي ته جيئن هتي ماڻهن لاءِ بهتر م??تق??ل فراهم ڪر??. پاڪستان کانسوءِ گروپ جي ٻين ميمبرن ۾ الجزائر، بوليويا، چين، ڪيوبا، مصر، ايران، عراق، لبيا، نڪاراگوا، روس، سريلنڪا، شام، وينز ويلا ۽ زمبابوي شامل آهن.
گڏيل قومن جا معاهدا پيڪٽ فار دي فيوچر تحت ڪيل فيصلا تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪافي ناهن: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa