آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) بيلاروس شنگهائي تعاون تنظيم ايس سي او جو باضابطا طور تي ميمبر بڻجي ويو آه??. چين جي خابرو اداري شنهوا موجب شنگهائي تعاون تنظيم جو 24 هون سربراهي اجلاس آستانه ۾ شروع ٿيو. سربراهي اجلاس جي شروعات هڪ ??رڪ??ري تقريب سان ٿي جنهن ۾ بيلاروس جي ميمبرشپ جي لاءِ سڀني لاڳاپيل دستاويزن تي صحيحون ڪيون و??ون. ملڪي سربراهن ايس سي او اجلاس ۾ جمهوريه ??يلاروس جي مڪمل ميمبرشپ جو فيصلو ڪيو. واضح رهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس هن و??ت آستانه ۾ جاري آه?? جنهن ۾ پاڪستان، چين، روس، قازقستان، ايران، ڪرغزستان، ڀارت، تاجڪستان، ازبڪستان، بيلاروس، منگوليا، آذربائيجان، قطر، گڏيل عرب امارات، ترڪيه ۽ ترڪمانستان کانسواءِ ??يا ملڪ به شرڪت ڪري رهيا آه??.
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا