گڏيل قو??ون -19 مارچ (اي پي پي) ??زه ۾ جاري اسرائيلي جنگ ۾ شهري آبادي کي بک ۽ ڏڪار جي خطرن جي حوالي سان گڏيل قو??ن هڪ ٻي ڳڻتي واري رپورٽ جاري ڪئي آهي. العربيه مطابق گڏيل قو??ن طرفان تيار ڪيل هڪ رپورٽ ?? اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته ??زه ۾ هاڻي ۽ مئي جي وچ تائين ڏڪار پکڙجڻ جو امڪان آهي جتي هن وقت 3 لک ماڻهو هاڻي به ويڙهه سبب ڦاٿل آهن. فوڊ سيڪيورٽي جي مربوط عارضي درجه بندي تي ٻڌل رپورٽ ?? چيو ويو آهي ته ??زه پٽي ۾ بک سبب ”تباهه ڪندڙ“ سطح کي منهن ڏيندڙ ماڻه?? جو تعداد وڌي 1.1 ملين ٿي ويو آهي جيڪو آبادي جو اڌ حصو آهي. رپورٽ ?? چيو ويو آهي ته امڪان آهي ته مارچ 2024ع جي وچ کان مئي 2024ع تائين ??زه جي پٽي جي وڏي آبادي ڏڪار جي لپيٽ ۾ اچي سگهي ٿي. رپورٽ ?? چيو ويو آهي ته ??زه ۾ هر ماڻهو کاڌي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ اتر ??زه ۾ اٽڪل 210000 ماڻهو بک جي پنجين مرحلي ۾ آهن جيڪو تباهه ڪندڙ بک جي نشاندهي آهي.
غزه جي 70 سيڪڙو آبادي مئي تائين تباهه ڪندڙ ڏڪار جو شڪار ٿي سگهي ٿي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس