اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان هڪ پر??من ملڪ آهي جتي قانون جي حڪمراني آهي، ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ انارڪي پکڙجڻ نه ڏني ويندي، ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي تشدد ت?? اتساهڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز پاڪستان ۾ بي بنياد، ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي پروپئگنڊه پکيڙين، انهن پليٽ فارمز پاران ان عمل کي نه روڪيو ويو ت?? رياس?? کي سخت قدم کڻڻا پو??دا. وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خصوصي نمائندي حافظ طاهر اشرفي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 19 تحت اظهار راءِ جي آزادي لامحدود نه آهي پر قانون جي تابع آهي، ان تحت عدليه، هٿياربند فوج ۽ ڀائر ملڪن جي خلاف توهين آميز ڳالهه ٻولهه جي اجازت نه آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي تشدد ت?? اتساهڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن جيڪا قانون جي خلاف سرگرمي آهي، حڪومت اهڙي غيرقانوني سرگرمين جي خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪندي. نگران وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم ان ذميواري کان آجا نٿا ٿي وڃن ته انهن جا پليٽ فارمز ڪنهن ملڪ جي اندر ??من امان کي خراب ڪرڻ ۽ ماڻهن کي تشدد ت?? اتساهڻ ۽ نفرت انگيزي جي لاءِ استعمال ٿين، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر)، يوٽيوب، فيس ب?? کي پروپئگنڊه، ڪوڙ، سرڪاري آفيسرن جي ڪردارڪشيءَ ۽ هراسان ڪرڻ جي لاءِ مسلسل استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي، لاڳاپيل ڪمپنين کي ان عمل کي ڪنٽرول ڪرڻو پو??دو. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندو ته اهي پليٽ فارمز پاڪستان ۾ بي بنياد، ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي پروپئگنڊه پکيڙين، انهن پليٽ فارمز پاران ان عمل کي نه روڪيو ويو ت?? رياس?? کي سخت قدم کڻڻا پو??دا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته عدليه جي ڪنهن به فيصلي جي خلاف قانوني نظرثاني جا ذريعا موجود آهن، ڪنهن کي شڪايت آهي ته ان جي لاءِ نظرثاني جي درخواست ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته ڪنهن کي به قانون کي هٿ ۾ کڻڻ ۽ ملڪي ??من کي تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان هڪ پر??من ملڪ آهي جتي قانون جي حڪمراني آهي، ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ انارڪي ڦهلائڻ نه ڏني ويندي. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن غيرملڪين کي يقين ڏياريون ٿا ته اهي محفوظ آهن ۽ انهن جي سلامتي کي پاڪستان حڪومت يقيني بڻائيندي.
پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي جتي قانون جي حڪمراني آهي، ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ انارڪي پکڙجڻ نه ڏني ويندي، اظهار راءِ جي آزادي لامحدود نه پر قانون جي تابع آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج