مظفر آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ پاڪستان جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار 7 ڏهاڪن کان گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي، ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين تان دستبردار نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڄمون ۽ ڪشمير جي حريت اڳواڻن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ محمود احمد ساگر، ??لام محمد صافي، الطاف حسين واني، سيد فيض نقشبندي، شيخ عبدالمتين، سليم هارون، شيخ محمد يعقوب، امتياز واني، سيد منظور شاهه، منظور قادر، ??افظ حامد رضا، مولانا امتياز صديق، سيد ياسر عباس، سيد جواد الحسن، سردار امجد يوسف، ميان عبدالوحيد، دانيال شهاب مدني، ڊاڪٽر مشتاق سردار، ??ردار عبدالقيوم، راجا فاروق حيدر، ??ردار عتيق ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق پڻ موجود هو. حريت اڳواڻن ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي حوالي سان ڀارت جي غي??قانوني هڪطرفي قدم جي توثيق جي مذمت ۽ ڪشميرين ساان يڪجهتي جي اظهار تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. حريت اڳواڻن پاران آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس ۾ نگران وزيراعظم جي ڀرپور پذيرائي ڪ??ي وئي. حريت اڳواڻن چيو ته نگران وزيراعظم جي اڄ جي خطاب ڪشميرين جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪ??ي. وفد سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪسمير ۾ پاڪستان رياست جو پيغام کڻي آيو آهيان ته پاڪستان سياسي ۽ سفارتي سطح تي ڪ??ميرين جي حمايت سدائين جاري رکندو. هن چيو ته ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي وڌيڪ بهتر طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز عالمي ٿنڪ ٽينڪس، ميڊيا ۽ اڪيڊميز سان رابطو وڌائيندا. هن چيو ته واشنگٽن ڊي سي، لنڊن، برسلز ۽ ٻين اهم گادي وارن شهرن ۾ ڪشمير ڪيس جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهي ويندي. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزارت ۽ حريت اڳواڻن جو اجلاد جلد منعقد ڪرايو ويندو، حريت اڳواڻ ڪشمير ڪاز جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏين. هن چيو ته اوورسيز ڪشميرين جو آواز ڪسمير ڪاز جي لاءِ انتهائي ڪ??رائتو ٿابت ٿي سگهي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته اسان واضح طور تي ڀارت جي سپريم ڪورٽ پاران ڀارت جي غي??قانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت فيصلي کي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي، ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين تان دستبردار نٿو ٿي سگهي.
ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين تان دستبردار نٿو ٿي سگهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria