اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغانستان جي شهر هرات ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اين ڊي ايم اي کي زلزلي متاثرين جي لاءِ فوري امداد رواني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران و??يراعظم چيو ته اسان جي دل متاثر خاندانن جي لاءِ ڏک??يل آهي. هن چيو ته اسان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ افغانين سان گڏ ??يٺل آهيون. نگران و??يراعظم چيو ته هن اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته متاثر ماڻهن کي وڌ کان وڌ امداد موڪلين. افغان حڪومت خصوصي طور تي ميڊيڪل ٽيم، فيلڊ ??سپتال، 50 خيما ۽ 500 ڪمبل موڪلڻ جي درخواست ڪئي آهي. نگران و??يراعظم جي هدايت تي سموريون درخواست ڪيل شيون اڄ امدادي سامان سان گڏ موڪليون پيون وڃن.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر