اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مر??ضيٰ ??و??نگ?? چيو آهي ته نگران وفاقي حڪومت شفاف، آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ صوبن کي مڪمل تعاون فراهم ڪندي، آئين موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪوبه مٿڀيد وارو سلوڪ نه رکنداسين. اها ڳالهه هن سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئي. مر??ضيٰ ??و??نگ?? چيو ته شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، آئين تحت اها گڏيل ذميواري پوري ڪنداسين. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري مر??ضيٰ ??و??نگ?? کي نگران وفاقي وزير بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني. مر??ضيٰ ??و??نگ?? چيو ته هو جلد ڪراچي جو دورو ڪندو.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل