اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف اليونٿ ??يو??يو منصوبي جي پيڙهه رکي ڇڏيو. 7.2 ڪلوميٽر جو اهو منصوبو ٻن مرحلن ۾ 16 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿي ويندو. وزير??عظ?? وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب سان گڏ اليونٿ ??يو??نيو منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جا اڳوڻا ميمبر حنيف عباسي، ملڪ ابرار، انجم عقيل خان، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزير??عظ?? کي اليونٿ اوينيو منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته ان منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 4.20 ڪلوميٽر رستو تعمير ڪيوويندو، ان ۾ ٻه انٽرچينج ۽ ٻه فلائي اوور شامل آهن. ٽن ڦاڪن واري رستي تي 9 ارب رپيا لاڳت ايندي. پهريون مرحلو هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندو. ٻئي مرحلي ۾ ٽي ڪلوميٽر ڊگهو رستو تعيمر ٿيندو جنهن ۾ ٻه انڊر پاس ۽ ٻه انٽرچينج شامل آهن. ٻئي مرحلي جي مڪمل ٿيڻ ۾ به هڪ سال لڳندو. اهڙي طرح اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندو. ٻئي مرحلي تي 7 ارب رپيا لاڳت ايندي. ان منصوبي تي ريلوي ٽريفڪ جنڪشن ۽ آءِ جي پي روڊ تي انٽرچينج ۽ فلائي اوور تعمير ڪيا ويندا. اليونٿ ??يو??نيو تي خيابان اقبال، ابن سينا، سري نگر هاءِ وي تي انٽرچينج ۽ فلائي اوور تعمير ٿيندا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف اليونٿ ايونيو منصوبي جي پيڙهه رکي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات