لاهور – 14 ??? ج??ن (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزي?? چيو آهي ته فنڪار اسان جي سڃاڻپ ۽ قومي اثاثو آهن، ملڪي ثقافت جي فروغ ۽ قومي تشخص کي پروان چڙهائڻ ۾ فنڪارن جو اهم ڪردار آهي. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل فلم، اسٽيج ۽ ٽي وي آرٽسٽن سان ڳالهائيندي چئي. فنڪارن ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ فلم فنانس فنڊ ۽ هيلٿ انشورنس جي لاءِ وڏي رقم رکڻ تي اطلاعات واري وفاقي وز??ر جا ٿورا مڃيا. هنن وز??راعظم شهباز شريف ۽ اطلاعات واري وفاقي وز??ر جي ??وش??ن تي انهن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته تخليقي سوچ جي حوصلا افزائي معاشري جي واڌويجهه جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ فلم فنانس فنڊ جي لاءِ 2 ارب ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. وفاقي وز??ر چيو ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت تشخص ۽ روشن سڃاڻپ کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. فلمون ملڪ جي ثقافت، تاريخ، قدرن، ورثي ۽ سياحت کي اجاگر ڪرڻ جو اهم ذريعو آهن. اطلاعات واري وفاقي وز??ر فنڪارن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ اڳوڻي دور ۾ فنڪارن جا حق غضب ڪرڻ جي ازالي جي خاطري ڪرائي. فنڪارن اطلاعات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب کي گلدستو پڻ پيش ڪيو.
فنڪار اسان جي سڃاڻپ ۽ قومي اثاثو آهن، ملڪي ثقافت جي فروغ ۽ قومي تشخص کي پروان چڙهائڻ ۾ فنڪارن جو اهم ڪردار آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ