اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اندروني ۽ ٻاهرئين عملن جي ڪري پيدا ٿيندڙ معاشي چئلينجن جي ڏس ۾ پاڪستان کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪا??ونسل جهڙي نمائنده فورم جي ضرورت ڊگهي عرصي کان محسوس ڪئي پئي وئي، معاشي پاليسيون جوڙڻ، دوست ملڪن سان سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪا??ونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪا??ونسل جو فوري هدف ٻاهرئين سڌوسنئون سيڙپڪاري کي 5 بلين ڊالر تائين وڌائڻ آهي، اها ڪا??ونسل معيشت جي ڍانچي ۾ بنيادي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ فيصلاسازي جي هڪ اعليٰ فورم طور ڪم ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ ??ي معاشي چئلينجن مان ڪڍي پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو آهي، اتحادي حڪ??مت معاسي پاليسيون جوڙڻ جي مينڊيٽ سان گڏ هڪ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪا??ونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪا معيشت جي بحالي جي لاءِ پاليسي ۾ رهنمائي، تسلسل ۽ موثر لاڳو کي يقيني بڻائيندي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ساخت جي ڪري ڪا??ونسل معيشت جي ڍانچي ۾ بنيادي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ فيصلاسازي جي هڪ اعليٰ فورم طور ڪم ڪندي. فورم آءِ ٽي، زراعت، توانائي، معدنيات ۽ کاڻ کوٽائي ۽ دفاعي پيداوار جهڙن اهم شعبن تي ڌيان ڏيندو. هن چيو ته دوست ملڪن سان سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ڪا??ونسل جي اهم مقصدن مان هڪ آهي. فوري هدف ٻاهرئين سڌوسنئون سيڙپڪاري کي 5 بلين ڊالر تائين وڌائڻ آهي. وزيراعظم چيو ته اندروني ۽ ٻاهرئين عملن جي ڪري پيدا ٿيندڙ معاشي چئلينجن جي ڏس ۾ ڪا??ونسل جهڙي نمائنده فورم جي ضرورت ڊگهي عرصي کان محسوس ڪئي پئي وئي. گهڻ رخي مسئلن ??ي منهن ڏيڻ جي لاءِ نصابي ڪتاب جو طريقيڪار هاڻي قابل عمل نه آهي. ان لاءِ معيشت کي پاڻڀرائپ، درآمدات تي ٻڌل ۽ مضبوط، ٻاهرئين لوڏن ۽ هلچل کي برداشت ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ گڏيل حڪ??ت سان فائدو کڻڻ جي اڃا وڌيڪ ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي مسئلن جو حل تخليقي خيالن ۾ لڪل آهي.
معاشي پاليسيون جوڙڻ، دوست ملڪن سان سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ ڪئي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha