اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ قطر واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظ??ار ڪندي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ قطر جي سفير جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم قطر انويسٽمينٽ ??ٿارٽي جي وفد جي تازي دوري کي پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ قطر جي دلچسپي جو اظ??ار قرار ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اع??يٰ سطحي ڳالهه ٻولهه ۽ غذائي تحفظ، توانائي، آءِ ٽي، کاڻ کوٽائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون ۾ اضافي جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم ان اميد جو اظ??ار ڪيو ته ٻئي ڀائر ملڪ واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪندا. وزيراعظم قطر جي سفير کي سندس مستقبل جي ذميوارين ۾ ڪاميابين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظ??ار ڪيو. سفير مهمان نوازي ۽ گرمجوشي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا جنهن پاڪستان ۾ سندس مُدي کي حق??قت ۾ يادگار بڻائي ڇڏيو. قطر جي سفير 2020ع ۾ ڪورونا وبا دوران پاڪستان ۾ ذميواريون سنڀاليون هيون ۽ پنهنجون سفارتي ذميواريون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هلندڙ مهيني پاڪستان مان روانو ٿي ويندو.
اميد ته پاڪستان ۽ قطر واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ