اسلام آباد -03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪس??ان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم اها ڳالهه ترڪيه جي دوري دوران انقره ۾ انادولو گروپ جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي قيادت ڪوڪا ڪولا جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪريم ياحي ڪري رهيو هو، وفد ۾ چيف اسٽريٽجي آفيسر ??يت??ايرليڪايا ۽ ٻيا ۽ اعليٰ اڳواڻ به شامل هئا. وزيراعظم انادولو گروپ جي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري ۽ ان سبب ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي کي ساراهيو. وزيراعظم انادولو گروپ کي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري وڌيڪ وڌائڻ جي دعوت پڻ ڏني. ملاقات ?? سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پاڪس??ان جو ترڪيه ۾ سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شريڪ هئا.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا