اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو محور ترقي، عوامي ڀلائي ۽ ڪاروبار دوست پاليسيون هوندو، واڌويجهه جي شرح ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ پي ايس ڊي پي جو ڪاٿو 700 ارب مان وڌائي 950 ارب رپيا ڪيو پيو وڃي، ايندڙ مالي سال پاڪستان جي لاءِ معاشي ترقي جو سال هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي لاءِ اتحادي پا??ٽين سان مشاورت جي سلسلي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، راڻا تنوير حسين، مولانا عبدالواسع، سيد امين الحق، آغا حسين بلوچ، سردار اسرار ترين، وزيراعظ?? جي صلاحڪار احد خان چيما، مملڪتي وزير هاشم نوتيزئي، احسان الله ريڪي، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، قومي اسيمبلي ميمبرن اسلم ڀوتاڻي، محسن داوڙ، عوامي نيشنل پا??ٽي جي سردار حسين بابڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ قومي اسيمبلي ۽ بلوچستان نيشنل پا??ٽي جي چيئرمين سردا?? اختر مينگل اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اتحادي پا??ٽين جي اڳواڻن ۽ ميمبرن وزيراعظم کي 24 – 2023ع جي ترقياتي بجيٽ لاءِ اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جي تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي قدم کي تاريخي قرار ڏنو ۽ ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ اتحادي پا??ٽين وزيراعظم کي ترقياتي بجيٽ جي لاءِ پنهنجي تجويزن کان آگاهه ڪيو. اجلاس کي بجيٽ انگن اکرن ۽ ترقياتي بجيٽ تحت مجوزه منصوبن بابت پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن ۽ ناڻي واري وزارت کي انهن تجويزن تي عمل ڪرڻ ۽ انهن کي بج??ٽ 24 – 2023ع ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سالن کان التوا جو شڪار نيشنل فلڊ ريسپانس پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته بج??ٽ 24 – 2023ع جو محور ترقي، عوامي ڀلائي ۽ ڪاروبار دوست پاليسيون هوندو. هن چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ واڌويجهه جي شرح ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ پي ايس ڊي پي جي ڪاٿي کي 700 ارب مان وڌائي 950 ارب رپيا ڪيو پيو وڃي، ايندڙ مالي سال پاڪستان جي لاءِ معاشي ترقي جو سال هوندو. وزيراعظم چيو ته بجيٽ ۾ حڪومت مشڪل معاشي صورتحال جي باوجود موجوده وسيلن کي بهترين طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي پاليسي اختيار ڪري رهي آهي، بج??ٽ 24 – 2023ع ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي ترقي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ پڻ وڏي رقم رکي پئي وڃي. هن چيو ته گذريل حڪومت جي معاشي تباهي جي باوجود حڪومت جي محنت سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام آيو، هر حڪومتي قدم ۾ اتحادي پا??ٽين جي مشاورت حڪومت جي لاءِ انتهائي اهم آهي، گذريل هڪ سال ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 13 پا??ٽين پنهنجي سياست کي داءُ تي لڳائي رياست کي بچايو. هن چيو ته ملڪي معاشي سلامتي جي لاءِ اهڙي ڪوشش جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به نه ٿو ملي، الحمدالله پاڪستان معاشي تباهي ۽ ملڪ ۾ انتشار پکيڙيندڙ عنص??ن کان پاڪ ٿيو.
ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو محور ترقي، عوامي ڀلائي ۽ ڪاروبار دوست پاليسيون هوندو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada