لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پن??اب جي وڏي وزير چوڌري پرويز ال??هي جي صدارت ۾ وزيراعليٰ آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پن??اب ۾ خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جي لاءِ نادرا سان حصيداري جو فيصلو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اکين کان محروم ۽ ٻين معذوري وارن ماڻهن جي صحيح ڊيٽا جمع ڪرڻ ضروري آهي، صحيح ڊيٽا هوندي ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي ڪمن کي وڌيڪ بهتر بڻائي س??هبو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي عام اسڪولن ۾ به خصوصي ماڻهن جي تربيت جي حوالي سان جدا ٽيچرز مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته خصوصي ٻار خصوصي صلاحيتون رکندڙ هوندا آهن ۽ تربيت سان انهن جون صلاحيتون نکري س??هن ٿيون. هن چيو ته بازارن ۽ مارڪيٽنگ ۾ ريمپس ٺ??هي خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولت فراهم ڪري س??هجي ٿي. نوڪرين ۾ 5 سيڪڙ?? ڪوٽا تي عملدرآمد سان خصوصي ماڻهن کي تمام گهڻو ريليف ملندو. خصوصي ماڻهن ڪيترن ئي ميدانن ۾ پنهنجي صلاحيتن ذريعي نمايان مقام حاصل ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف عليو چيو ته وڏي وزير چوڌري پرويز ال??هي جي قيادت ۾ پن??اب حڪومت جي خصوصي ماڻهن جي لاءِ موثر قدم ساراهه جوڳا آهن. چوڌري پرويز ال??هي چيو ته 2003ع ۾ مون خصوصي ماڻهن جي لاءِ جدا کاتو ٺاهيو آهي. پن??اب ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ 170 ادارا قائم ڪيا ۽ خصوصي ٻارن جي لاءِ فري ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي. پن??اب حڪومت خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين ۾ 5 سيڪڙ?? ڪوٽا مقرر ڪئي آهي، پن??اب جي سمورن ادارن ۾ اکين کان محروم ۽ ٻين معذوري وارن ملازمن جي لاءِ ڪنوينس الائونس وڌايو آهي. پن??اب حڪومت نئين بسلن ۾ به خصوصي ماڻهن جي لاءِ جدا سيٽون مخصوص ڪري رهي آهي. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر سيڪريٽري صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي خصوصي ماڻهن جي بحالي، تربيت، رجسٽريشن ۽ سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. سوشل ويلفيئر واري صوبائي وزير غضنفر عباس ڇينا، اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي، ايم اين اي حسين الاهي، چيف سيڪريٽري عبيدالله سنبل، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري علي محمد خان ڀٽي، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر، سيڪريٽري اسپيشلائيزڊ هيلٿ ڪيئر اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن ۽ لاڳاپيل عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي صدارت ۾ وزيراعليٰ آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری