اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ گڏيل عرب امارات سان ٺوس اقصادي حصيداري جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل عرب امارات سان اقتصادي سفارتڪاري ۽ سيرپڪاري جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي ان جي موجوده سطح 10.6 بلين ڊالر کان وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جي نامزد سفير فيصل نياز ترمذي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي، واپار، صنعت، بنيادي ڍانچي جي ??رقي ۽ مهمان نوازي جي ??عبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستاني هڪ اثاثو آهن ۽ بنهي ملڪن جي ??رقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو 22 – 2021ع ۾ 5.814 بلين ڊالر رهيو جنهن پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي ناڻي جي ??رورتن کي پورو ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي. صدر عارف ??لو?? پاڪستان ۾ بوڏ سٽيلن جي ??مداد تي گڏيل عرب امارات جي ??ڪومت جا ٿورا مڃيا، گڏيل عرب امارات مان 57 امدادي اڏامون ۽ 2 سامونڊي جهاز امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي چڪا آهن. هن ايف اي ٽي ايف ۽ آءِ ايم ايف ۾ گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان جي ??مايت سان گڏوگڏ پاڪستان جي ليڪويڊيٽي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ??خيرن کي وڌائڻ جي لاءِ 2 بلين ڊالر فراهم ڪرڻ جي قدم کي پڻ ساراهيو. گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان ۾ 2.9 بلين ڊالر جي ??ڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري تي اطمينان جو اظهار ڪندي هن چيو ته ايندڙ سالن ۾ ان سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ??رورت آهي. صدر نامزد سفير کي چيو ته هو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي پاڪستان جي ??ن لائين اعليٰ تعليمي ادارن بشمول علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي سان ڊيجيٽل رابطو پيدا ڪري ته جيئن انهن جي ڊيجيٽل صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ۽ ان جي مهارتن جي فروغ جي لاءِ اعليٰ ڪورسز پڻ شر??ع ڪيا وڃن جنهن سان انهن جي ??مدني کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ان سلسلي ۾ هن خاص طور تي وزيراعظم جي ڊيجيٽل مهارتن جي ??ربيتي پروگرام تي روشني وڌي. صدر نامزد سفير کي هندستاني معاشري ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن ۽ هندوتوا بالادستي جي نظرين جن سان اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي ??ندگين کي خطري بابت گڏيل عرب امارات جي قيادت کي آگاهي ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
گڏيل عرب امارات سان اقتصادي سفارتڪاري ۽ سيرپڪاري جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم