اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏي?? عرب امارات جي وزير شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان پاران مالي امداد جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو پاڪستان جي عوام سان ان جي بي لوث محبت ۽ انسانيت جي لاءِ درمندي جو ثبوت آهي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ايثار کي ڪڏهن فراموش نه ڪندي. ان کان اڳ گڏي?? عرب امارات (يو اي اي) جي ثقافت، نوجوانن ۽ سماجي ترقي واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 10 ملين ڊالر مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جيل اءِ انفرادي سطح تي ڏني ويندڙ شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان پاران ڏني ويندڙ هيستائين جو سڀ کان وڏ?? عطيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف متاثرين جي فراخدلاڻي مدد تي شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته اهو ان جي پاڪستاني عوام سان بي لوث محبت ۽ انسانيت جي لاءِ درمندي جو ثبوت آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سن??س ان جذبي کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي، ان سان ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي ۾ وڏ?? مدد ملندي. پاڪستاني عوام سان توهان جي محبت ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن جي تاريخ جو سنهري باب آهي.
وزيراعظم پاران گڏيل عرب امارات جي وزير شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان پاران مالي امداد جي اعلان جي آجيان
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada