اسل??م آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسٽين ??رنر پاڪستان جي 75هين ڊائمنڊ جوبلي يوم آزادي جي موقعي تي سڀني پاڪستانين ??الي پنهنجي خط ۾ چيو آهي، ته دنيا جي ٻين ??لڪن جي سفارتڪارن وانگر منهنجي به پاڪستان ۾ مقرري ٿي، مان ڏٺو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي، 14 آگسٽ تي پاڪستان جي قيام جا 75 سال مڪمل ٿيا آهن. ۽ پاڪ برطانيه سفارتي لا??اپن کي به ايترو ئي عرصو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ۾ خدمتن جي فراهمي هڪ اعزاز آهي. هن چيو ته ان موقعي تي پنهنجي خط ۾ اهو تسليم ڪيان ٿو ته پاڪستان ۾ مون سميت پرڏيهين سان بهترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي اجنبي هئڻ جو احساس نه پيو ٿئي. پنهنجي خط ۾ هن پاڪ برطانيه ڊگهي سفارتي، اقتصادي ۽ عوامي لا??اپن جا تفصيل به پيش ڪيا. پنهنجي خط جي آخر ۾ ڊاڪٽر ڪرسٽين ??رنر لکيو ته پاڪستان ۽ برطانيه گڏ آهن. ”اسان گڏ 75هين سالگره تي تمام گهڻي مبارڪباد ڏيون ٿا.“
پاڪستان جي 75هين ڊائمنڊ جوبلي يوم آزادي جي موقعي تي برطانوي هاءِ ڪمشنر جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت