اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ آءِ ايس پي آر سڄي ملڪ ۾ پاڪستان قائم ڪرڻ جون ڊائمنڊ جوبلي تقريبون شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ پلان جو جائزو ورتو. ان سلسلي ۾ هڪ اج??اس ٿيو جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار شرڪت ڪئي. اج??اس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڊائمنڊ جوبلي جي جشن کي قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ ٻڌي جي فروغ جو يادگار موقعو بڻايو ويندو. تقريبن ۾ سڄي ملڪ جي سمورين ثقافتن ۽ وفاق پاڪستان جي سمورن رنگن کي شامل ڪيو ويندو. نوجوانن جي جشن ??زادي تقريبن ۾ مقابلن ۾ ڀرپور شرڪت يقيني بڻائي ويندي. اج??اس ۾ پاڪستان قائم ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه جي حوالي سان سان تجويز ڪيل تقريبن ۽ تيارين جي انعقاد جو جائزو پڻ ورتو ويو. اج??اس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ آءِ ايس پي آر پاران 75 سالا تقريبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. جشن ??زادي جي موقعي تي نغمن جا مقابلا ۽ ان ۾ حصو وٺندڙن بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته ملي نغمن جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ جي تاريخ 30 جون مقرر ڪئي وئي هئي، پهرين کان 9 جولاءِ تائين مقابلن ۾ شريڪ ٿيندڙن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويندو، شارٽ لسٽ ڪيلن کي اسلام آباد گهرايو ويندو، مقابلا کٽيندڙ اميدوار جو ملي نغمو 11 کان 14 آگسٽ 2022ع تائين قومي نشرياتي رابطي تي نشر ٿيندو. اج??اس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سڄي دنيا ۾ سمورن پاڪستاني سفارتخانن ۾ به 75 هين سالگرهه جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار ملڪ گير تقريبن جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وزير قومي تقريبن جون تياريون ڪندڙ ٽيمن ۽ ڊپارٽمينٽس جي جذبي کي ساراهيو.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ آءِ ايس پي آر سڄي ملڪ ۾ پاڪستان قائم ڪرڻ جون ڊائمنڊ جوبلي تقريبون شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ پلان جو جائزو ورتو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری