اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات سيڙپڪاري، معاشي ترقي، توانائي، ڍانچي ۽ زراعت جي شعبن ۾ حصيداريون جوڙڻ ۽ تعاون تيز ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏيندي واپار ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ??يو آهي. ٻنهي ملڪن ان عزم جو اظهار وزيراعظم شهباز شريف ۽ ابوظهب?? جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب امارت جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر عزت ماب شيخ محمد بن زايد آل نهيان جي وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي باني ۽ پهرين صدر عزت ماب شيخ زايد بن سلطان آل نهيان (الله تعاليٰ سندس مغفرت فرمائي) جي ب??ير?? افروز قيادت ۽ پاڪستان – يو اي ا?? جي دوست?? جي مضبوط بنياد قائم ڪرڻ جي لاءِ سندس ڪوششن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت مرحوم شيخ زايد بن سلطان آل نهيان جي ب??ير?? جي روشني ۾ ٻئي ملڪ گڏيل مفاد ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ پڪو ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دور?? جي پڄاڻي تي ابوظهبي پهتو، ڪابينا جا اهم ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ ملاقات دوران وزيراعظم سان گڏ هئا. ولي عهد شهباز شريف کي وزيراعظم پاڪستان جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ انهن ذميوارين ۾ عظيم ڪامياب?? جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ??يو. هن پاڪستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحال?? جي لاءِ خيرسگالي ۽ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ??يو. ٻنهي اڳواڻن ڪيترن ئي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي مشاورت ڪئي. گڏيل عرب امارات جي تاريخ ساز ترقي ۽ تيز ترين اولين 50 سالن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم يو اي ا?? جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ ايندڙ ڏهاڪن ۾ وڌيڪ ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ??يو. وزيراعظم دبئي عالمي نمائش 2020ع جي ڪامياب انعقاد تي يو اي ا?? جي قيادت ۽ نمائش منعقد ڪندڙ ٽيم کي مبارڪباد ڏن?? جيڪا ڀرپور ۽ شاندار ??اميابي سان هڪمنار ٿي. وزيراعظم شهباز شريف ٻطرفن ۽ عالمي فورمن تي پاڪستان جي پراڻي ۽ ڀرپور حمايت تي يو اي اي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ خاص طور تي يو اي اي پاڪستان اعانت پروگرام تحت پاڪستان ۾ انساني خدمت ۽ فلاح جي لاءِ منصوبا شروع ڪرڻ ۽ ڪورونا عالمي وبا دوران گڏيل عرب امارات پاران فراهم ڪيل اهم امداد کي ساراهيو. هن 1.7 ملين پاڪستانين جي عزت ۽ وقار سان ميزباني ڪرڻ تي يو اي اي جا ٿورا مڃيا جيڪي نه رڳو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پر پاڪستان جو فخر به آهن. عزت ماب شيخ محمد زايد آل نهيان جي پوري دنيا مان پوليو ختم ڪرڻ جي نيڪ قدم کي اجاگر ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ان موذي مرض جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪردار ??ي خراج تحسين پيش ڪيو. مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو وٺندي ٻنهي اڳواڻن سيڙپڪاري، معاشي ترقي توانائي، ڍانچي ۽ زراعت جي شعبن ۾ حصيداريون جوڙڻ ۽ تعاون تيز ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏيندي واپار ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. ولي عهد ٻنهي ملڪن جي ايندڙ نسلن جي مفاد ۾ ويجهي ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر ڪوششون ڪرڻ بابت وزيراعظم کي يقين ڏياريو. هن يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران گڏيل عرب امارات جي تعمير ۽ ترقي ۾ تعميري ڪردار ??ي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستاني ان وقت هتي هئا جڏهن ٻين ملڪن جي رهواسين جي هتي محدود موجودگي ۽ ڪوششون هيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ يو اي اي هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ به هڪ ٻئ?? جي مدد جاري رکندا. هن عوامي ڀلائ?? جي لاءِ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ رابطن جي مضبوط?? جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل مفاد جي سمور?? معاملن ۽ گڏيل قومن، او آءِ سي سميت گهڻ رخي فورمن تي حصيداري عمل سان موقف اختيار ??رڻ جي لاءِ مستقل رابطو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گڏيل اعتماد، هم آهنگي ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل تاريخي پراڻا لاڳاپا قائم آهن. هلندڙ مهيني وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو گڏيل عرب امارات جو هي پهريون دورو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي ابوظهبي جي ولي عهد سان ملاقات، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو عزم
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا