لاهور – 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مريءَ ۽ ڀرپاسي مٿئي?? علائقن ۾ غيرمعمولي برفباري ٿي، ڪيترن ئي ڏهاڪن جو رڪارڊ ٽُٽي ويو آهي، ڪلڊنه ۽ باڙيان ۾ وڌيڪ مشڪل صورتحال پيدا ٿي، ڪيترن ئي ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيون، مريءَ انتظاميا ۽ پنجاب حڪومت بار بار ماڻهن کي مريءَ ۽ مٿئي?? علائقن جي سفر ??ان منع ڪندي رهي، وزيراعظم عمران خان مريءَ جي صورتحال جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، انتظاميا، ريسڪيو ادارا ۽ فوج متاثر علائقن ۾ موجود آهي، ايف ڊبليو او جي مشينري پهچائي وئي آهي، ايڪسپريس وي ڪليئر ڪيو ويو آهي، ماڻهن جي انخلا جو عمل جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي ??طا?? ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ نوجوانن جي معاملن وارو خاص معاون عثمان ڊار پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ هفتي ??ان مريءَ انتظاميا ۽ پنجاب حڪومت بار بار چوندي رهي ته مريءَ ۽ مٿئي?? علائقن ۾ موسمي صورتحال خراب آهي، ماڻهو سفر ??ان پاسو ڪن، گذريل 48 ڪلاڪن دوران غيرمعمولي برفباري ٿي، ڪيترن ئي ڏهاڪن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، سخت برفباري جي ڪري صورتحال خراب ٿي، ڪلڊنه ۽ باڙيان ۾ وڌيڪ مشڪل صورتحال پيدا ٿي، انه?? علائقن ۾ ماڻهن جون جانيون به ضايع ٿيون. جاني نقصان تي پوري پاڪستان جا ماڻهو ڏکويل آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان مريءَ جي صورتحال جو سختي سان نوٽيس وٺندي پنجاب جي وڏي وزير کي مريءَ پهچڻ جي هدايت ڪئي، پنجاب جو وڏو وزير مريءَ روانو ٿي ويو آهي. هن چيو ته انتظاميا، ريسڪيو ادارا ۽ فوج مريءَ ۽ ڀرپاسي وار?? علائقن ۾ موجود آهي، ايف ڊبليو او جي مشينري پهچائي وئي آهي، ايڪسپريس وي ڪليئر ٿي ويو آهي، ماڻهن جي انخلا جو عمل جاري آهي. هن چيو ته نٿيا گلي طرف خيبرپختونخواهه حڪومت به سمورا رستا کولي ڇڏيا آهن، پنجاب حڪومت به متاثر ماڻهن جي لاءِ سمورا گيسٽ هائوس کولي ڇڏيا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته مختصر وقت ۾ وڌيڪ ماڻهو انه?? علائقن طرف ويندا ته مسئلا پيدا ٿيندا، ڪنهن به انتظاميا جي لاءِ اهڙي اوچتو صورتحال کي هينڊل ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. هن چيو ته ميڊيا مضبوط فورم آهي، ميڊيا ماڻهن کي مٿئي?? علائقن جي صورتحال ??ان آگاهه ڪري، هن وقت سمورن مٿئي?? علائقن ۾ تمام گهڻي رش آهي، اتي وڌيڪ ماڻهن جي ??نج??ئش نه آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ جو ميمبر صداقت علي عباسي هن وقت مريءَ ۾ موجود آهي. هن چيو ته حڪومت پوري طرح الرٽ آهي، اسان ماڻهن سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته مريءَ ۽ مٿئي?? علائقن ۾ گاڏيون هفتن يا مهينن ۾ داخل ناهن ٿيون، 24 ڪلاڪن ۾ ايتري وڏي انگ ۾ گاڏيون داخل ٿيون، انتظاميا هنگامي قدم کنيو ۽ وڌيڪ گاڏين جي داخلا بند ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي ان ڳالهه جو احساس ڪرڻ گهرجي ته اهڙي قسم جي صورتحال پيدا نه ٿئي، اسان کي ان معاملي مان سکي اڳتي وڌڻو پوندو.
مريءَ ۽ ڀرپاسي مٿئين علائقن ۾ غيرمعمولي برفباري ٿي، ڪيترن ئي ڏهاڪن جو رڪارڊ ٽُٽي ويو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں