اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران آن لائن ??اصلاتي تعليم جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي، هائي?? ايجوڪيشن ڪميشن جديد دور جي بدلجندڙ ضرورتن ۽ عالمي معيار موجب فاصلاتي تعليمي پاليسي وڌيڪ بهتر بڻائيندي. فاصلاتي تعليم جي پروگرام کي مرڪزي تعليمي نظام جو حصو بڻائڻ جي ضرورت آهي.
اي??ان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هائي?? ايجوڪيشن ڪميشن پاران آن لائن ??اصلاتي تعليمي پاليسي تي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته آن لائن ??اصلاتي ڪورسز جو مواد مارڪيٽ جي ضرورتن موجب جوڙڻ گهرجي. ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن جو تعداد وڌائڻ جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي ورچوئل ي??نيورسٽي جي آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم جي پروگرامن جي واکاڻ ڪندي چيو ته تعليم پرائيندڙ شاگردن جي تعداد ۾ اضافي لاءِ ورچوئل ي??نيورسٽي جهڙن ادارن جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي،
صدر کي ايڇ اي سي پاران بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته آن لائن ??اصلاتي تعليمي پاليسي جو بنيادي مقصد قاعدن، هدايتن ۽ گهٽ کان گهٽ معيار جو تعين ڪرڻ آهي جڏهن ته آن لائين فاصلاتي تعليمي پاليسي تحت يونيورسٽين کي آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي اجازت ڏني ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاليسي جو مقصد تعليم جو معيار برقرار رکڻ لاءِ هڪجهڙي امتحاني نظام قائم ڪرڻ آهي، پاليسي پبلڪ ۽ پرائيويٽ يونيورسٽين جي فاصلاتي تعليم ۽ اي لرننگ جي ماهرن سان مشاورت کانپوءِ ٺاهي وئي آهي.