اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سال 40 هزار عورتون ڇاتي جي ڪ??نسر ۾ مبتلا ٿينديون آهن، عورتون ڇاتي جي ڪ??نسر جي وقت سر سڃاڻپ پاڻ به ڪري سگهن ٿيون، ڇاتي جي ڪ??نسر جي وقت سر سڃاڻپ سان 98 سيڪڙو ڪامياب علاج ممڪن آهي، ڇاتي جي ڪ??نسر جو علاج مهانگو آهي، مرض کان تحفظ لاءِ اڳواٽ احتياط جي ضرورت آهي، گلابي ربين جو مقصد ڇاتي جي ڪ??نسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ آهي، غذائي کوٽ سان پاڪستان ۾ اسٽنٽنگ جو وڏو مسئلو پيدا ٿي چڪو آهي، ماءُ جي غذائي ضرورتن ۾ احتياط سان ٻارن ۾ اسٽنٽنگ جا امڪان گهٽ ڪري سگهجن ٿا، ٻن سالن تائين ٻارن کي کير پيارڻ سان ماءُ ڇاتي جي ڪ??نسر سان بچي سگهي ٿي، وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جو وقت سر ۽ درست فيصل?? ڪيو، ڪورونا کان بچاءُ لاءِ هٿ ڌوئڻ، ماسڪ پائڻ ۽ سماجي فاصلو ضروري آهي، انهي طرح احتياطي قدمن سان ڇاتي جي ڪ??نسر کان به بچي سگهجي ٿو، شوڪت خانم اسپتال ٺاهڻ جو مقصد ڪينسر جي غريب مريض جو مفت علاج هو. قومن جي ارتقا ۾ تعليم ۽ صحت جو اهم ڪردار هوندو آهي، ڇاتي جي ڪ??نسر بابت شعور جي آگاهي جي حوالي سان ايوان صدر ۾ منعق?? تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي تقرير ۾ اسٽنٽنگ جو ذڪر ڪيو، د??يا ۾ تعليم ۽ صحت بنيادي اهميت رکندڙ آهن، ڪنهن به قوم جي ترقي ۾ تعليم ۽ صحت جو ڪردار بنيادي هوندي آهي، وزيراعظم سياسي زندگي کان اڳ عوام کي ڪ??نسر کان بچاءُ ۽ علاج لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ شوڪت خانم اسپتال جو مقصد به غريب طبقي کي ڪ??نسر جي مفت علاج جي فراهمي هئي، هن چيو ته سياست ۾ وزيراعظم صحت ۽ تعليم کي فوقيت ڏني آهي، صدر چيو ته اڄ ش??ڪت خانم دنيا ۾ هڪ بهترين مثال آهي، هن قوم کان گذارش ڪئي ته ڪورونا ختم ناهي ٿيو، قوم وبا جو بهترين مقابل?? ڪيو آهي، ائين نه ٿئي جو اسان جي بد احتياطي سان اسان کي ان کي ٻيهر منهن ڏيڻو پوي ڇو ته دنيا جي ڪ??ترن ئي ملڪن ۾ وبا ٻيهر پکڙي آهي، هن چيو ته ماسڪ پائي، هٿ ڌوئي ۽ سماجي فاصلي جي احتياطن سان ڪورونا تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، انهي طرح احتياطي تدبيرن جي ذريعي ڇاتي جي ڪ??نسر کان به بچي سگهجي ٿو.
پاڪستان ۾ هر سال 40 هزار عورتون ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿينديون آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا