واشنگٽن – 21 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست اوڪلوهاما جي هڪ جج ڌاڙي دوران قتل جي ڏوهه ۾ 48 سالن کان قيد جوابدار کي بيگناهه قرار ڏئي بري ڪري ڇڏيو آهي. بي بي سي مطابق 70 ساله گلين سينمنز کي اوڪلوهاما ڪائونٽي ڊسٽرڪٽ جج بي ڏوهي قرار ڏيندي فيصلي ۾ چيو ته هن عدالت کي واضح ۽ اعتماد جوڳين شاهدين مان پتو پيو آهي ته گلين سيمنز کي جنهن ڏوهه لاءِ ڏوهاري قرار ??نو ويو هو اهو هن ڪيو ئي نه هو. هلندڙ سال هڪ جج گلين سيمنز جي ڪيس جي ٻيهر ??نوائي جو حڪم ??نو جنهن بعد جولاءِ ۾ کيس آزاد ڪيو ويو. گلين سيمنز اوڪلوهاما سٽي جي پسگردائي واري علائقي ۾ شراب جي دڪان تي ڌاڙي دوران ڪيرولين سوراجرز جي قتل جي ڏوهه ۾ 48 سال هڪ مهينو ۽ 18 ڏينهن قيد ڀوڳيو هو.
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن