دوحه – 06 ڊسمبر (اي پي پي) قطر جي امير تميم بن حما?? آل ثاني گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آه?? ته هو غزه ۾ جنگ بندي لاءِ اسرائيل کي ڳالهين جي ميز تي واپس آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. هن گادي واري شهر دوحه ۾ نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي سربراهي اجلاس کي خطاب دوران عالمي برادري طرفان غزه ۾ جاري جنگ کي روڪڻ واري قدمن ۾ ناڪامي کي شرمناڪ قرار ڏنو. قطر جي امير چيو ته اها وڌيڪ شرمناڪ آه?? ته عالمي برادري 2 مهينن کان انتهائي سنگين ڏوهن کي جاري رکڻ جي اجازت ڏنل آه?? ۽ هڪ منظم ۽ شعوري انداز ۾ معصوم شهرين جو قتل عام ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ عورتون ۽ ٻارن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته عارضي جنگ بندي مستقل بندي جي متبادل نه ٿي سگهي آه??. قطر جي امير چيو ته اسرائيل غزه تي بمباري دوران سمورا اخلاقي معيارن کي پامال ڪيو آه??، انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪيو ۽ انتهائي انساني ضرورتن جي فراهمي کي معطل ڪيو آه??. ه?? اسرائيل طرفان شهرين کي نشانو بڻائڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته اسرائيل جي پنهنجي دفاع جو حق ڪنهن صورت ان ڳالهه جي اجازت ناهي ته هو فلسطينن جي نسل ڪشي ڪري.
سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگ بندي لاءِ اسرائيل کي ڳالهين جي ميز تي واپس آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري: امير قطر
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania