واشنگٽن -03 آگسٽ (اي پي پي ) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان اقتصادي ترقي ۽ ماحوليات جي آمريڪي انڊر سيڪريٽري جوز ڊبليو فرنينڊس سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعلق مضبوط بنائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون . آمريڪي انڊر سيڪريٽري ٽويٽ ۾ چيو ت?? پاڪستاني سفير مسعود خان سان پاڪ آمريڪا اقتصادي شراڪت داري ??ي مضبوط بنائڻ ۽ يو ايس پاڪستان گرين الائنس ذريعي ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن خلاف مزاهمت جي قدمن ۽ ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي هن چيو ت?? باهمي فائدهمند ترجيحات تي ملي ڪري ??م ڪرڻ جا منتظر آهيون . پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري ??يل بيان موجب سفير گرم جوشي سان استقبال تي جوز ڊبليو فرنينڊس جو شڪريو اداڪيو هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ت?? پاڪستان ۽ آمريڪا ملي ڪري واپاري ٽيڪنالوجي ، زراعت ، توانائي ۽ ماحولياتي تبديلين جي خراب اثرن خلاف مزاحمت رکندڙ قدمن ۾ باهمي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪساتن لاءِ آمريڪا مان سڌي ريت ڏيهي سيڙپڪاري (ايف ڊي ائي ) راغب ٿيندي .
پاڪستاني سفير جي اقتصادي ترقي . توانائي ۽ ماحوليات جي آمريڪي انڊر سيڪريٽري سان ملاقات ، باهمي تعلق مضبوط ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی